حر گوريلا تحريڪ

حر گوريلا تحريڪ

حر گوريلا تحريڪ

حر گوريلا تحريڪ (ڪتاب): هي ڪتاب رٽائرڊ آءِ. جي. سنڌ آفتاب نبي، ڪرنل وصال محمد خان، وليداد ولي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، جن ۾ انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جي جدوجهد ۽ گوريلا جنگين جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ۾ حر گوريلا جنگ جي شروعات کان وٺي سورهيه بادشاهه جي شهادت تائين جو احوال موجود آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ، سهيڙي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران چار رنگي ٽائٽل ۽ پڪي جلد سان 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب 153 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ حر گوريلا تحريڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو